آرمسٽرانگ نيل

آرمسٽرانگ نيل

آرمسٽرانگ نيل

آرمسٽرانگ نيل (Armstrong Neil ):دنيا جو پهريون آمريڪي خلاباز جنهن چنڊ تي پهريون قدم رکيو، هن 1930ع ۾ جنم ورتو. ڪيليفورنيا يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪيائين. 1949ع کان 1952ع تائين آمريڪي بحريه ۾ پائلٽ جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. هن ڪوريا جي جنگ ۾ شرڪت ڪئي. 1955ع ۾ آمريڪي خلائي تحقيقي اداري ناسا (NASA) ۾ ريسرچ پائلٽ جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. سال 1962ع ۾ کيس خلائي سفر لاءِ منتخب ڪيو ويو. 1966ع ۾ خلائي جهاز جيمين اٺين جو ڪمانڊ پائلٽ هو. 16 جولاءِ 1969ع تي اپالو يارهن خلائي جهازن جي ذريعي چنڊ طرف روانو ٿيو ۽ 20 جولاءِ 1969ع تي چنڊ تي قدم رکيائين. آرمسٽرانگ کي 16 ملڪن طرفان اعزاز ۽ تمغا ڏنا ويا. 1971ع ۾ يونيورسٽي آف سِن سِن نيٽي (رياست اوهايو) ۾ انجنيئرنگ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. آرمسٽرانگ آمريڪا جي ڪيترين ئي هوا باز تنظيمن جو اعزازي ميمبر رهيو آهي. نوٽ: آرمسٽرانگ نيل 25 آگسٽ 2012ع وفات ڪئي.


لفظ آرمسٽرانگ نيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو